پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثر جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نه ڪڍڻ خلاف ايس يو پي جي ريلي

ميھڙ: ميهڙ ۾ ھٿرادو ڪٽن، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ ٻوڏ متاثرن کي راشن نه ملڻ خلاف 20 ھين ڏينهن به ايس يو پي ڪارڪنن ضلعي دادو جي صدر سڪندر علي سوڍر، حبيب حضوري، عرس سوڍر، حاجي خان مارفاڻي، ولي محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پارٽي جھنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اي سي ميھڙ ۽ مختيار ڪار ميھڙ خلاف شديد نعريبازي ڪئي ۽ آزاد پريس ڪلب کان گھنٽا گھر تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ھنن آزاد پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ آيل ٻوڏ کي ٻن مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، پر زرعي زمينن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿو ڪيو وڃي، جنھن سبب ڳوٺاڻا ۽ آبادگار پريشان آھن. ٻوڏ متاثرن جي جا تي من پسند ماڻھن کي راشن ڏنو وڃي ٿو. ٻوڏ دوران جيڪي ڪٽ ڏنا ويا ھئا، اھي به ھن وقت تائين بند نه ڪيا ويا آھن، جنھن سبب مسافرن کي سفر ۾ مشڪلاتون آھن. ھنن اعلى ادارن کي اپيل ڪئي ته ميھڙ تعلقي مان ٻوڏ جو پاڻي جلد نيڪال ڪري ڏنل ڪٽ بند ڪري مسڪين ماڻهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button