پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ خلاف مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن ماني نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي شهمير ڀيل، انچلو ڀيل، جيٺو ڪولهي، گنگا ڪولهي، حرمي ڀيل، ڌني ڪولهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان سنڌ جي مختلف ضلعن کان هتي سرڪار پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل آهيون، پر عمرڪوٽ ضلعي انتظاميا ڪا به سار نٿي لهي. گذريل هڪ مهيني کان اسان ويلا ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، نه پاڻي ملي ٿو، نه راشن ڏنو ٿو وڃي، سياري ۽ مڇرن سبب ٻار بيمار ٿي پيا آهن، هاڻ نامعلوم ماڻهن رات جو اچي ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هي سرڪاري پلاٽ آهي، جلد خالي ڪريو. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن مان اڃان تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، هاڻ اسان بي گهر ماڻهو ڪيڏانهن وڃون. هنن وسوارن کي اپيل ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري وقت سر ماني ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button