پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه ۾ استاد بخاري جي نا مچ ڪچهري، ڳجهارتون پيش

خيرپور ناٿن شاهھ: خيرپورناٿن شاهه ۾ ھر سال جيان هن سال به گورنمينٽ مين پرائمري بوائز اسڪول ۾ ذاڪر حسين گاڏهي جي ميزباني ھيٺ استاد بخاري جي نا تي مچ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، سگھڙن، صحافين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر ارباب شاھه، بخت حسين ٻرڙو، نظير احمد ميراڻي، عمران حسن گاڏهي، محمد اسلم شيخ، اختر مشوري، عرفان مشوري، اسد جويو، سالار شيخ، حيدر کوسو، آثم گاڏهي ۽ ٻين ساڃاهه وندن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مچ ڪچهري جو سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت ۾ اھم ڪردار رھيو آھي، پنج هزار سال اڳ به سنڌ جا ماڻهو سياري جي موسم ۾ پنھنجن اوطاقن ۾ باھه جا وڏا مچ ٻاري ھڪٻئي سان ڏک سور ونڊيندا ھئا، ان تھذيب کي اجاگر ڪرڻ ۽ مچ ڪچهري جا پروگرام ڪرڻ سان محبت جو درس ملي ٿو. ڪچهري ۾ شاعرن، اديبن، سگھڙن ۽ فنڪارن پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button