پاڪستانسنڌ

ڪنري ۾ شراب جو گتو کلڻ خلاف سماجي اڳواڻن جو مظاهرو

ڪنري: ڪنري ۾ شراب جي گتي خلاف سماجي اڳواڻن مظاهرو ڪيو. ڪنري ۾ عمرڪوٽ ڪوچ اسٽاپ سامهون واري گلي ۾ شراب جو گتو کلڻ خلاف سماجي اڳواڻن خادم حسين ۽ همراز بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته تيرٿ بجير شراب وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن کان ڪنري پوليس ۽ ايڪسائيز پوليس منٿلي وٺي خاموش آهي، گتي مالڪ تيرٿ کي مٺي پوليس جي عملدارن جي به پٺڀرائي حاصل آهي، شراب جي گتي سبب ماڻهو نشي جا عادي ٿي رهيا آهن. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺًي شراب جو گتو بند ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button