پاڪستانسنڌ

ڪوهستان ۾ مليريا وبا پکڙجي وئي، 4 معصوم ٻارڙا فوت

ٿاڻوبولاخان: ڪوهستان ۾ برساتن کانپو مليريا وبا پکيڙجي وئي آهي، جنهن سبب 4 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ سڄي ڪوهستان ۾ برساتن بعد مليريا بخار ۽ گيسٽرو جو آزار آهي. تعلقي ٿاڻو بولا خان جي يوسي تونگ ۾ 3 ورهين جو معصوم ٻارڙو شرجيل پٽ علي نواز خاصخيلي مليريا وگهي فوت ٿي ويو. ٿاڻي عارب خان جي مختلف ڳوٺن حافظ نور محمد کوسو ۾ 7 ورھين جي نائلا ڌي ھزار خان کوسو ۽ ڳوٺ بشام کوسو ۾ هڪ ورھين جو عبدالواحد ولد گلبھار کوسو فوت ٿي ويو. ڳوٺ حيدربخش کوسو ۾ هڪ سالن جي ٻارڙي شاھد ولد رضا محمد کوسو دم ڏنو، جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جنهن بعد ڪوهستان ۾ مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي 61 ٿي ويو آهي، پر صحت کاتي جي عملدارن ڪو نوٽيس ناهي ورتو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي تونگ جي رهواسي ۽ سماجي اڳواڻ خادم خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيتري عرصي کان تونگ پي پي ايڇ آئي سنيٽر ۽ ٻيا سينٽر عوام لا بي لاڀ بڻيل آهن، صحت جي سهولتن جي اڻهوند آهي، جنهن سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. تونگ جي سينٽر جي ايمبولينس هڪ سال کان پي پي ايچ آئي جي ڊي ايم شفيق آگرو پنهنجي آفيس ۾ بيهاري ڇڏي آهي، تونگ سينٽر ۾ مليريا جون ٽيسٽون نٿيون ٿين، سينٽر تي صرف هڪ ڊاڪٽر آهي، شڪايتن باوجود ڊي ايم شفيق آگرو سهولتون ڏيڻ لا تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button