پاڪستانسنڌ

پپيلز پارٽي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪري ٿي:رفيق جمالي

راڌڻ: پ پ جي يوم تاسيس ملھائٔڻ لا پ پ ضلعي دادو جو اجلاس ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قيادت جي فيصلي موجب پ پ جو يوم تاسيس ضلعي ھيڊ ڪواٽر ۾ ڀرپور انداز ۾ ملھايو ويندو. اجلاس جي ڪارروائي ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ ھلائي. اجلاس ۾ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، محمد اشرف خان سولنگي، ڊاڪٽر طلعت مھيسر، محمد شاھه، ڊاڪٽر بنده علي لغاري، نور محمد چانڊيو، قمبر علي خان لغاري، وفا چانڊيو، علي محمد سومرو، غلام شبير ابڙو، خليل احمد شيخ، جميل احمد مھيسر، اعجاز حسين چانڊيو، محمود خان مھيسر، بابن خان پنھور، رفيق احمد ميراڻي، ڊاڪٽر محراب خان لاکير، بابر اعجاز خان سھول، علي اڪبر کوسو، رياض ڏيرو، ايم ڊي لاشاري، اي ڊي لغاري، خليل جمالي، راشد جوکيو، ھريش ڪمار، سعيد احمد لاکئر، محمد ھاشم لانڊر، قربان سيال، منظور ڪلھوڙو، رفيق ميراڻي، خالد حسين ميراڻي، مير مرتضى قمبراڻي، مير مرتضى لغاري، يونس سولنگي، فھيم جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئٔي. اجلاس کي خطاب ڪندي رفيق جمالي چيو ته پ پ عوام جي حقيقي نمائندگي ڪري ٿي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي ووٽ جو حق توڙي سياسي شعور ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button