پاڪستانسنڌ

پڪنڪ مارچ هڪ صوبي ۾ شروع ٿي اتي ئي ختم ٿيو:عاجز ڌامراهه

شاهپورچاڪر: پ پ سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آھي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ پڪنڪ مارچ هڪ صوبي ۾ شروع ٿي اتي ئي ختم ٿي ويو، پ پ پنهنجو 55 هون يوم تاسيس ضلعي سطح تي ملهائيندي، ضلعي سانگهڙ ۾ پ پ جو يوم تاسيس شاهپور چاڪر ۾ ملهايو ويندو، جنهن ۾ پ پ جا ايم، اين، اي، سينيٽر، ٽڪيٽ ھولڊر ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. پريس ڪلب شاهپورچاڪر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو عاجز ڌامراهه وڌيڪ چيو ته انڊيا ۾ هن وقت مقبول ليڊرشب پي ٽي آئي جي آھي، انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جي سازش آھي ته پاڪستان جي اڪانامي هيٺ ٿئي ۽ پاڪستان جو ائٽمي پروگرام رول بيڪ ٿئي، پي ٽي آئي جي سياست ڊسٽ بن جي سياست بڻجي وئي آھي. هن چيو ته پ پ خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي، پ پ تڏھن وجود ۾ آئي، جڏھن ايوب خان جي حڪومت هئي، انهي ڏينهن کان اڄ تائين پ پ آمريت جي حمايت ناهي ڪئي، جيڪڏھن ڪنهن کي مناظرو ڪرڻو آھي ته ان کي کليل چئلينج آھي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزير ٿيو، ان وقت پ پ وجود ۾ ئي نه آئي هئي، جڏھن به سياست ۽ ملڪ جي ڳالھ آئي آھي ته پ پ قيادت اول ملڪ کي رکيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياست ۾ پنج پرسنٽ به سچ ڳالهائڻ جي طاقت نه ٿو رکي. هن چيو ته مٽياري ۽ نوشھروفيروز ۾ ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا آھن، جيڪڏھن ڪو ڪرپشن ۾ ملوث آھي ته ان خلاف سنڌ حڪومت جي ماتحت اداري ڪارروائي ڪئي آھي، پنجاب پوڻا چار سال هڪ ئي عورت جي حوالي هو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ حقير حضور بخش رند، پ پ تعلقي شھدادپور جو جنرل سيڪريٽري گل محمد ڏاهري، پ پ شاهپورچاڪر جو صدر عبدالقادر ڏاهري، جنرل سيڪريٽري رشيد سومرو، غلام نبي ڀٽي ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button