پاڪستانسنڌ

چوٽياريون لڳ ٽيوب ويلن تان 35 سولر پليٽون چوري، 2 چور سوگها

چوٽياريون: چوٽياريون لڳ نئين نارا ڪئنال جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان اسڪارپ کاتي جي لڳل سولر ٽيوب ويلن تان پليٽون چوري ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. گذريل رات دير سان نامعلوم چور ٽيوب ويلن تي لڳل سولر پليٽون لاهي چوري ڪري ٽريڪٽر ٽرالي ۾ وجهي وڃي رهيا هئا ته چوٽياريون پوليس ناڪابندي دوران ٻن جوابدارن کي چوري ڪيل 35 سولر پليٽن سميت گرفتار ورتو، جن کي پوليس نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان لڳل ٽيوب ويلن تان سولر پينل وقفي وقفي سان چوري ٿي رهيا هئا، اسان جاچ به ڪري رهيا هئاسين. گذريل رات دير سان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽريڪٽر ٽرالي ۾ چوري ڪيل سولر پينل ھٿ ڪري ٻن جوابدارن گرفتار ڪيو آھي. چورن جو ڪو وڏو گروھه ملوث ٿي سگهي ٿو، اسان اسڪارپ کاتي کي پڻ آگاهي ڏني آھي، هو ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button