پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ سم نالي مان 6 ٻارن جي پي جو لاش مليو

سامارو: سامارو تعلقي جي يوسي ستڙيون جي ديھه 14 ھيرل وٽان سم نالي مان لاش مليو، اطلاع تي صالح ڀنڀرو پڪٽ جي پوليس پهچي لاش سم نالي مان ٻاهر ڪڍرايو ۽ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جنهن بعد حد جي پوليس بودرفارم ٿاڻي ۽ ڊگھڙي واسين وارثن کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد فوتي جا وارث پھتا. جڏھن ته بودرفارم پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد فوتي جي ڀا عرس ملاح ۽ سھري رسول بخش ملاح حوالي ڪيو. فوتي جي ڀا عرس ملاح ۽ سھري رسول بخش ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته فوتي محمد علي ملاح ۽ سندس ماسات ڪانڊيرو ملاح 13 ڏينھن اڳ ڊگھڙي کان يوسي ستڙيون ۾ سم نالي مان مڇي مارڻ لا آيل ھئا، جتي مڇي ماريندا ھئا، اڄ محمد علي شام جو ڪانڊيرو ملاح سان گڏ صالح ڀنڀرو مان کاڌي پيتي جو سامان وٺڻ لا ويل ھو ته پٺيان محمد علي مڇي جو شڪار ڪري رھيو ھو، ڪانڊيرو واپس آيو ته ھو نه مليو، جنھن جي ڪافي ڳول ۽ا پڇا ڪئي، پر نه مليو. محمد علي ملاح جو سم نالي مان صالح ڀنڀرو پوليس کي لاش ھٿ آيو آھي، اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي. معلوم ٿيو آهي ته فوتي 6 ٻارن جو پي هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button