پاڪستانسنڌ

ميھڙ جي ذوالفقارآباد ڪالوني ۾ ٻن مھينن کان بيٺل ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو

ميھڙ: ميھڙ با پاس تي قائم ذوالفقارآباد ڪالوني ۾ ٻن مھينن کان بيٺل ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو. ڪالوني جو ڊرينيج، روڊ، گھٽيون به تباھه ٿي ويون، ڪالوني واسي گئس ۽ بجلي جي سھولت کان به محروم آهن. گندي پاڻي سبب بيمارين ڦھلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. خبر موجب ميھڙ با پاس تي قائم ذوالفقار آباد ڪالوني ۾ ٻن مھينن کان بيٺل ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو. ڪالوني جو ڊرينيج سسٽم، روڊ ۽ گھٽيون تباھه ٿي ويون آھن، جڏھن ته ڪالوني واسي گئس ۽ بجلي جي سھولت کان به محروم آھن. ان حوالي سان ڪالوني واسين متاثرن پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته گندي پاڻي سبب ٽائيفائيڊ، مليريا ۽ ڊينگي جھڙين بيمارين ڦھلجڻ جو خطرو وڌي ويو آھي. ھنن چيو ته ھن جديد دور ۾ به اسان بنيادي سھولتن کان محروم آھيون، جيڪو اسان جو حق آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ذوالفقارآباد ڪالوني مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي بنيادي سھولتون ڏئي ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button