پاڪستانسنڌ

ميهڙ جي يوسي منگواڻي جي ٻوڏ متاثرن جو انڊس ها وي تي ڌرڻو، باهيون

ميھڙ: ميهڙ جي يوسي منگواڻي جي ٻوڏ متاثرن ڳوٺاڻن جي واھر نه ٿيڻ خلاف عبدالغني چانڊيو، ڪامريڊ ابراھيم چانڊيو، اعتبار جانوري، پرويز جانوري، لعل محمد بروھي ۽ ٻين ڳوٺاڻن ٽائرن کي باھيون ڏئي انڊس ھا وي با پاس اٽڪ پيٽرول پمپ ڀرسان ڌرڻو هنيو. جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رھي، مسافر سخت پريشان ٿي ويا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن آزاد پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مھا ٻوڏ اسان جي وڏي تباھي مچائي ڇڏي آهي، گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن، ساريالو فصل به لڙھي ويو، وڏي انگ ۾ چوپايو مال پڻ مري ويو آهي، اسان جو گذر سفر ساريالي فصل تي ھوندو آھي، جيڪو مڪمل تباھه ٿي چڪو آهي، مھا ٻوڏ کي اڍائي مھينا گذري ويا آهن، ھن وقت تائين يوسي منگواڻي جي واھر نه ٿي سگھي آهي.

ڊي سي دادو، اي سي ميھڙ، مختيارڪار ميھڙ خالي سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا، نه راشن مليو نه ٽينٽ ملي سگھيا آهن. اسان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي يوسي منگواڻي جي رھواسين ۽ ڳوٺاڻن کي راشن، ٽينٽن سميت گھر گھر سروي ڪري صحت جون سھولتون فراھم ڪري ٻوڏ وارو بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. جڏھن ته انڊس ھا وي تي لڳل ڌرڻي کي ٽي ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊي ايس پي وحيد بيگ لاڙڪ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي متاثرن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، بعد ۾ ٽريفڪ بحال ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button