پاڪستانسنڌ

رانوتي ڀرسان ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري، راڪيٽ فائر، ڏوهاري مارڻ جا اطلاع

اوٻاوڙو/رهڙڪي: ڪجھه ڏينهن اڳ رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس جي ٽن آفيسرن ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ٻن ايس ايڇ اوز عبدالمالڪ ڪمانگر، ايس ايڇ او دين محمد لغاري ۽ ٻن اهلڪارن محمد سليم چاچڙ ۽ جتوئي پتافي کي شهيد ڪري ڇڏيو ھو، جنهن بعد ڪچي واري علائقي ٻيلو رانوتي ۾ گهوٽڪي پوليس جو سرچ آپريشن جاري آهي. جڏهن ته ڳوٺ قابل شر ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو هلندڙ آهي، ڌاڙيلن هڪ اي پي سي چين تي فائر ڪري اي پي سي کي شديد نقصان پهچايو آهي. هوڏانهن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته پوليس پاران ڏوهارين عيسو شر سميت ٻين جي گهرن کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڏوهارين پاران ڪچي ۾ مختلف ھنڌن تان پوليس مٿان راڪيٽ لانچرن جا فائر ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي. ٻي پاسي پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، پر تصديق نه ٿي سگهي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي جي ترجمان موجب بڪتربند گاڏي تي راڪيٽ لانچر فائر نه ٿيو آهي، ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. هوڏانهن ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا ذريعي وڊيو بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ثنا الله شر چيو ته پوليس اسان جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي، جيڪڏهن ٻيهر آئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. جڏهن ته ڌاڙيل راڻو شر چيو ته پوليس اسان خلاف ڪارروائي ڪري پئي، چونڊيل نمائندن سميت ڪوبه عملدار ڳالھيون ڪرائي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button