پاڪستانسنڌ

دادو لڳ تلا تان مڇي ماريندڙ نوجوان هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو

دادو: دادو ڀرسان موندر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان خشڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 25 ورهين جو نوجوان زاهد پٽ نواز خشڪ قتل ٿي ويو آهي. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، خبر موجب دادو ڀرسان موندر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان خشڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 25 ورهين جو نوجوان زاهد پٽ نواز خشڪ زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال دادو مان نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، قتل ٿيل نوجوان جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي. نوجوان جي پي نواز خشڪ موجب نوجوان مڇي جي تلاءُ تي مڇي ماري رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي موندر ٿاڻي جي انچارج جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارث ٿاڻي تي نه پهتا آهن. وارث ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button