پاڪستان

تحريڪ انصاف جا کوڙ ماڻهو استعيفا منظور نه ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ آهن:خواجا آصف

بچاءُ واري وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جا کوڙ سارا ماڻهو استعيفائون منظور نه ڪرڻ لا رابطي ۾ آهن، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽٽنديون ته اتي نئين اليڪشن ٿي ويندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان قانون ۽ آئين کي پنهنجي مفادن لا استعمال ڪري رهيو آهي، هن پنهنجو آخري پتو کيڏي ورتو آهي ۽ سندس سڀ ڪارڊ ناڪام ٿي ويا آهن، هو پهريان قومي اسيمبلي مان ته استعيفائون منطور ڪرائي. بچاءُ واري وزير چيو ته هي جڏهن صوبائي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيندا ته پو ڏسنداسين ته ڪيترا ماڻهو استعيفا ڏين ٿا، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ماڻهو رابطي ۾ آهن ته استعيفائون قبول نه ڪجو. خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون صوبائي اسيمبليون ٽٽن ٿيون ته ٻنهي اسيمبلين ۾ نيون چونڊون ٿي وينديون. پنجاب جي وڏي وزير بابت سوال تي خواجا آصف چيو ته چوڌري پرويز الاهي سياست ۾ ڪڏهن وڏو رسڪ ناهي ورتو، هو هميشه ڳري پاسي ڏانهن هوندو آهي، اسان سياسي ماڻهو بادشاهه وارو ذهن ته نٿا رکي سگهون، هاڻي اسان ملڪ مان مهانگائي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏينداسين ۽ اها ڪوشش هوندي ته عام ماڻهن کي رليف ملي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button