پاڪستان

پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ٽوڙي نه ٿو سگهي، کيس روڪڻ ڄاڻون ٿا:گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب ۾ پرويز الاهي وٽ جيڪو اختيار آهي ان کي ڪيئن روڪجي اها اسان کي خبر آهي، پرويز الاهي وڏي وزير طور پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙي نٿو سگهي، هن جي پنهنجي ڪهڙي حيثيت آهي جو اڌ منٽ ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته عمران خان جو اعلان غير منطقي آهي، هو چوي ٿو ته ڪرپٽ نظام مان ٻاهر هليو ويندو، جيڪڏهن نظام ۾ ڪو مسئلو آهي ته انقلاب آڻي، ٻي صورت ۾ اليڪشن کان پوءِ کيس ساڳئي نظام ۾ اچڻو آهي، جڏهن پيپلز پارٽي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ته ان وقت کان وٺي اڄ تائين پنجاب ۾ داخل نه ٿي سگهي آهي، عمران خان ڪاوڙ ۾ اچي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته اسان کي اها به خبر آهي ته هنن جي گڏجاڻين ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن. جيڪڏهن اسان اڄ تائين کين روڪيو آهي ته ان جو مطلب اسان کي ڪجهه ته خبر آهي، تحريڪ انصاف جا 15 کان 20 ماڻهو اسان کي دستياب هوندا، اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو بيوقوفي آهي، عوام انهن سان گڏ نه بيهندو، پنجاب ۾ مقابلو تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ٻئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته پوءِ به منهنجي اها تجويز هوندي ته صرف اتي چونڊون ڪرايون وڃن، پيپلز پارٽي هن وقت ڪنهن به صورت ۾ سنڌ اندر چونڊون نه چاهيندي، مولانا به چاهيندو ته وفاقي حڪومت برقرار رهي ۽ خيبر پختونخوا ۾ اليڪشن ٿئي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي جي قيادت ڪرڻ نواز شريف لاءِ تمام ضروري آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اسان کي 4 کان 6 مهينا گهربل هوندا، هينئر ته اسان ماڻهن کي تڙپائي رکيو آهي، اسان سياسي نقصان کنيو آهي پر رياست کي بچائي ورتو آهي، اسان 6 مهينن بعد اهڙي پوزيشن ۾ هونداسين جو پنجاب ۾ چونڊون کٽي سگهون، جيڪڏهن ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿين ٿيون ۽ اسان جي پوزيشن بهتر ٿئي ٿي ته وفاق ۾ مدو وڌائي به سگهون ٿا. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مفتاح اسماعيل ٻه مهينا اڳ چئي ڇڏيو هو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو ڪو خطرو ناهي، جڏهن هي حڪومت ڇڏيندا ته کين خبر پئجي ويندي ته اپوزيشن ڇا هوندي آهي، کين اٽي ۽ دال جو اگهه معلوم ٿي ويندو، اعظم سواتي جيڪي ڳالهيون ڪيون ڇا اهي ڪرڻ جهڙيون آهن، ڇا ان کي مناسب ڳالهه ٻولهه چئي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button