پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ هر ٻار جي هٿن تائين ڪتابن جي رسائي لا ٽريڪنگ سسٽم تيار ٿي ويو

ڄامشورو: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٻن اسڪالرن جا ايم ايس وارا ڪامياب سيمينار ٿي گذريا. آئي ٽي شعبي ۾ ايم ايس سافٽ ويئر انجينئرنگ جي اسڪالر هادي بخش کوکر سرڪاري اسڪولن لاءِ سمارٽ ٽيڪسٽ بڪس ٽريڪنگ سسٽم تي تحقيق سيمينار ۾ پيش ڪئي، سپروائيزر ڊاڪٽر سجاد حسين ٽالپر ۽ ڪو سپروائيزر پنڃل ٻٽ جي نگراني ۾ ٿيل تحقيق ۾ اسڪالر هادي بخش کوکر سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي صحيح رخ ۾ ورهاست نه ٿيڻ ۽ ان ۾ شفافيت ۽ هر ٻار کي هٿن تائين ڪتابن جي رسائي کي ممڪن بڻائڻ بابت آگاهه ڪيو. تحقيق ۾ هادي بخش کوکر جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب جي ورهاست ۾ خامين جا ڪيترائي ماڻهو ذميوار هجن ٿا.

جنهن کي ختم ڪرڻ ۽ ٻارن کي هٿن تائين ڪتاب پهچائڻ لاءِ هڪ سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي نادرا سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن ذريعي شفاف طريقي سان هر ٻار کي هڪ ئي ڀيرو ڪتاب ملي سگهندا ۽ غلط ڄاڻ ڏيڻ تي سافٽ ويئر اطلاع ڪندو، هن سافٽ ويئر جي مدد سان ڪتابن جي شفاف ورهاست کي يقيني بڻائي سگهبو، حڪومت ان تي عمل ڪيو ته شفاف طريقي سان شاگردن کي وقت سر ڪتاب ملي سگهندا ۽ حڪومت جو ناڻو پڻ بچي سگهي ٿو. ٻئي طرف اسڪالر نور العين عباسي ڪراچي ۾ سافٽ ويئر سيڪٽر، يونيورسٽين ۽ انڊسٽريز ۾ مشاورت جي عنوان سان پنهنجي تحقيق پيش ڪئي، سيمينار ۾ ٻنهي اسڪالرن جي تحقيق کي ساراهيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر يعقوب ڪنڌر، ڊاڪٽر ذوالفقار مهر سميت وڏي انگ ۾ استاد، آفيسر ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button