پاڪستانسنڌ

هرڻ جا 4 ٻچا هٿ اچڻ تي ٻن جوابدارن تي 20، 20 لک رپيا ڏنڊ

مٺي: مٺي جي عدالت ناياب نسل جي 4 هرڻ جا ٻچا هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي هڪ هڪ سال قيد ۽ 20-20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو ٻڌايو. ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت 4 هرڻن سميت پڪڙيل جوابدارن مقبول راهمون ۽ عبدالله سميجو مٿان وائلڊ لائف ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ سزا جو فيصلو ڏنو. واضع رهي ته وائلڊ لائف کاتي ٿرپارڪر جي ٽيم جوابدارن کي ڇاڇرو ڀرسان مٺڙيو موڙ وٽ ھڪ مهينو اڳ عمرڪوٽ ڏانهن هرڻ جي 4 ٻچن کي اسمگل ڪندي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ڪيس ۾ عدالت شنوائي دوران جوابدارن کي هڪ-هڪ سال قيد ۽ 20-20 لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ٻڌائي، سزا بعد ٻنهي کي جيل موڪليو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button