پاڪستانسنڌ

برڪت فقير جي پٽ مهر علي جي نئون ڪوٽ ۾ تدفين

نئون ڪوٽ: نامياري راڳي برڪت فقير جي حيدرآباد ۾ فوت ٿيل پٽ مهر علي جو مڙهه حيدرآباد کان رات دير سان نئون ڪوٽ آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪري نوجوان کي قبرستان درگاهه سيد راضي ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف نوجوان مهر علي جو تڏو مالهي پاڙي لڳ تقيا عيسن شاهه مست وٽ وڇايو ويو، جتي ناليواري فنڪار استاد شفيع محمد فقير، راڳي رجب فقير، نوجوان گلوڪار منيش ڪمار، سيد غلام مرتضى شاهه، منور شاهه، صحافين عمر ساگر لاشاري، محمد شاهه، سياسي سماجي اڳواڻن ارباب خاصخيلي، فقير خدابخش احمداڻي، شاعر چندارام ۽ ٻين نوجوان جي والد گلوڪار برڪت فقير ۽ ڏاڏي نامياري راڳي ڪالو فقير سان تعزيت ڪئي. مهر علي فقير مائي ڀاڳي جو پڙ پوٽو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button