اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف ڪيس ۾ ايف آ اي جو دبئي پوليس کي خط

اسلام آباد : ارشد شريف ڪيس جي جاچ معاملي ۾ ايف آئي اي فيڪٽ فائنڊنگ جو دبئي پوليس کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف کي جاري ڪيل ويزا ۽ ٽريول دستاويز فراهم ڪيا وڃن. خط ۾ چيو ويو ته ارشد شريف جي دبئي ۾ رهائش جو سمورو تفصيل فراهم ڪيو وڃي. رهائشگاهه جي ڀرپاسي جا سمورا سي سي ٽي وي فوٽيج فراهم ڪيا وڃن. خط ۾ چيو ويو ته دبئي ۾ ارشد شريف ڪٿي ڪٿي ويو ۽ ڪنهن ڪنهن سان مليو ان جو سمورو تفصيل گهربل آهي. خط ۾ چيو ويو ته ارشد شريف جو ويزا ڪينسل ڪيو ويو؟ جيڪڏهن ڪينسل ڪيو ويو ته ڪهڙن سببن تي ڪيو ويو. خط ۾ چيو ويو ته ارشد شريف جي نمبر جي سي ڊي آر فراهم ڪئي وڃي. 10 آڪٽوبر کان 20 آڪٽوبر کان دبئي ايندڙ پاڪستاني پاسپورٽ هولڊرز جو ڊيٽا به ڏنو وڃي. خط ۾ چيو ويو ته سلمان اقبال ۽ طارق وسيع جي نمبر جي سي ڊي آر فراهم ڪئي وڃي. خط مطابق يو اي اي حڪومت جي ڪنهن عهديدار ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button