اسلام آبادپاڪستان

عمران خان مٿان ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي 30 هزار ڏنڊ برقرار

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن پشاور ننڍي چونڊ ۾ عمران خان جي ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس جو محفوط فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن عمران خان جي ڏنڊ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي چيئرمين تي 30 هزار رپيا ڏنڊ برقرار رکيو. ان کان اڳ فيصلي ۾ عمران خان تي 30 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو هو. فيصلي مطابق پشاور ننڍي چوند ۾ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي، جنهن تي عمران خان کي ٽن ڏينهن ۾ اپيل ڪرڻي هئي. جڏهن ته اپيل جو وقت گذرڻ تي اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي خلاف به چونڊ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي جي معاملي تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ فيصلو ٻڌايو، جنهن مطابق ڏنڊ جي خلاف اپيل منظور ڪئي وئي ۽ راڻا ثناءُالله خلاف لاڳو 10 هزار رپين جو ڏنڊ ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button