اسلام آبادپاڪستان

ايشين انفرااسٽريڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر مليا آهن:اسحاق ڊار

اسلام آباد :وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اعلان ڪيو آهي ته ايشين انفرااسٽريڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آئي آئي بي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر منتقل ڪري ڇڏيا آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ناڻي واري وزير چيو ته ايشين انفرااسٽريڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ پنهنجي بورڊ جي منظوري مطابق پروگرام فنانسنگ تحت- اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان/ گورنمينٽ آف پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر منتقل ڪري ڇڏيا آهن. ناڻي وزارت جي ترجمان چيو ته 50 ڪروڙ ڊالر منتقل ٿيڻ سان پاڪستان جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌندا. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ناڻي واري وزير چيو هو ته پاڪستان ترقياتي پروگرام لاءِ ڪو-فنانسنگ طور فنڊ وصول ڪندو. گذريل مهيني ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي بجيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ٻوڏ کان پوءِ متاثرن کي بحال ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير لا هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي جاري ڪيا هئا. اقتصادي مامرن جي وزارت جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته فنڊ بي آر اي سي اي پروگرام تحت ڏنو ويو، جنهن جو مقصد سپلاءِ چين ۾ رنڊڪن سبب توانائي ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ غريبن ۽ اقتصادي طور تي ڪمزور طبقن تي مهانگائي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو مقصد سماجي تحفظ، غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جا قدم ۽ ڪاروبار لاءِ تعاون لاءِ حڪومت جي گردشي روڪٿام ۽ ترقياتي خرچن جي حمايت ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو بي آر اي سي اي پروگرام مضبوط معاشي بهتري کي هٿي ڏيڻ لاءِ کڄندڙ قدمن کي هٿي ڏيندو. ترجمان ٻڌايو ته هي پروگرام آئي ايم ايف جي جاري پروگرام جي فريم ورڪ سان ڳنڍيل آهي، جنهن سان سماجي تحفظ جي نيٽ ورڪ کي مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button