اسلام آبادپاڪستان

واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٻن عمارتن جي وڪري جي منظوري

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٻن استعمال هيٺ ايندڙ عمارتن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ميمبرن ڪوئيٽا ۾ آپگهاتي حملي جي سخت مذمت ڪئي، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي ترڪي جي تازي دوري تي اعتماد ۾ ورتو. ان ڏس ۾ ڪالهه سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي استعمال هيٺ ٻن عمارتن جي وڪري جي منظوري ڏني وئي آهي. مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا قائداعظم يونيورسٽي ۽ بهاره ڪهو باءِ پاس تڪرار تي ڪميٽي جي سفارشن، واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٻن عمارتن جي شفاف واڪن جي عمل جي ذريعي نيلام ڪرڻ سميت ٻين نقطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم اعظم نذير تارڙ جي بطور قانون واري وزير جي خدمتن کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا جا ميمبر اعظم نذير تارڙ جي گهر به ويا ۽ کيس وزيراعظم پاران استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو، اعظم نذير تارڙ وزيراعظم جي هدايت تي ٻيهر وزارت جو قلمدان سنڀاليو ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت به ڪئي. ڪابينا پوليو جي خاتمي لاءِ قومي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته خوراڪ واري وزارت پاران ملڪ ۾ ڪڻڪ جي صورتحال جي حوالي سان وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، گذريل سال ۽ موجوده سال جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ڪڻڪ جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، موجوده سال ۾ ڪڻڪ جي مجموعي ضرورت 30 ڏهائي 79 ملين ميٽرڪ ٽن آهي، موجوده ذخيرا ٻه سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ موجوده ٻوڏ جي باوجود موثر حڪمت عملي جي ڪري ذخيرا وڌيڪ آهن ۽ اهڙا انتظام ڪيا آهن ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي غذائي کوٽ نه ٿئي. هن ٻڌايو ته واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي استعمال هيٺ 2 عمارتن جي معاملي تي بحث ٿيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2010ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم جي هدايت تي ٻنهي عمارتن جي رنگ روغن جي منظوري ڏني وئي هئي، اڃا تائين هڪ عمارت جي رنگ روغن جو 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ناهي ٿيو جڏهن ته هڪ عمارت جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، 2018ع ۾ ان عمارت جو سفارتي اسٽيٽس ختم ڪيو ويو هو، هاڻي اها هڪ پرائيويٽ ملڪيت آهي ان تي ٽيڪس رجيم به گهٽ ٿي وئي، 2019ع کان وٺي هيستائين 8 لک 19 هزار ڊالر جو ٽيڪس ادا ڪري چڪا آهيون، وقت سر فيصلا نه ٿيڻ سان اسان ملڪيت استعمال نه ڪري رهيا آهيون پر ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهيون. ٽن مهينن ۾ هڪ لک جو ٽيڪس وڌيڪ وڌي ويندو. 2020ع ۾ هڪ وزيرن واري ڪميٽي ٺاهي هئي، ڪميٽي ورڪنگ ڪري 45 لک آمريڪي ڊالر ان جي قيمت لڳرائي هئي، آمريڪي ٽيڪس شعبي اهو چيو هو ته نه هاڻي وڪرو نه ڪريو نه استعمال ڪنداسين هاڻي ان جي نيلامي ڪرڻي پوندي. هيستائين ان عمارت مان 13 لک ڊالر وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي. چيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان نيلام نه ڪيو ته آمريڪي حڪومت ان عمارت کي نيلام ڪري ڇڏيندي. هاڻي 68 ملين ڊالر جو واڪ مليو آهي. ان واڪ جي عمل کي جيڪو صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهيو آهي، پرڏيهي وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينا انهن کي شفاف عمل ذريعي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ معاملي تي پي ٽي وي اسپورٽس سان تمام وڏي راند ٿي آهي، ان معاملي تي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، اڃا به اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پي ٽي وي کي باقي مئچز جا رائيٽس ملي وڃن، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ اسپورٽس ٽيم ان تي ڪم ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button