اسلام آبادپاڪستان

اسميبليون ٽٽي ويون ته ننڍيون چونڊون ملتوي به ٿي سگهن ٿيون:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ وارو عمل ڪڏهن به سياسي جماعتن ۽ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ناهي ٿيو، تنهنڪري ڪوشش ڪنداسين ته اسيمبليون نه ٽٽن. جيڪڏهن اسميبليون ٽٽي ويون ته ننڍيون چونڊون عام چونڊن تائين ملتوي به ٿي سگهن ٿيون. جڏهن ته گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقا آهن ۽ اِهي استعمال ٿي سگهن ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مخالف بحراني حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي مان نڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪرپٽ نظام مان نڪري رهيا آهيو ته صدر کي ڪڍو، سينيٽ مان نڪرو ۽ گلگت بلتستان ۽ ڪشمير مان به نڪرو. هن چيو ته ٻڌو آهي ويهه ڊسمبر کان هو استعيفيٰ ڏيندا، جيڪڏهن فيصلو ڪري ورتو آهي ته ويهه ڊسمبر تائين انتظار ڇو؟ عمران خان رڳو عدم استحڪام چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ڏڦيڙن ڏانهن وڃي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته ن ليگ ۽ اتحادين جا صلاح مشورا هلي رهيا آهن، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽٽڻ تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ته چونڊ نه ٿيندي. مرڪز ۾ ته نگران حڪومت نه هوندي، اسيمبلي ٽوڙڻ غير سياسي ۽ غير جهموري عمل آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو امن چاهين ٿا انهن کي رستو ڏيڻ گهرجي، سيڪيورٽي معاملا وفاقي حڪومت جي نظر ۾ آهن. عوام لاءِ پريشاني جي ڪائي ڳالهه ناهي، مڪمل ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڳالهه وڌي ته وقت سر آپريشن ڪيو ويندو، جڏهن ته آپريشن جاري به آهن جيڪي طاقتور آپريشن آهن. گهرو وزير دهشتگردي واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ٽي ٽي پي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، ٽي ٽي پي طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي پوري خطي ۾ امن لاءِ خطرناڪ آهي. ٽي ٽي پي کي افغانستان مان هر قسم جي شهولت ملي رهي آهي ۽ افغانستان لاءِ به اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي هئڻ گهرجي، اهو نه سمجهيو وڃي ته هي آئوٽ آف ڪنٽرول طاقت آهي، بلوچستان، ڪي پي ۾ صوبائي انتظاميا ۽ ايجنسيون معاملي کي سنجيندا وٺن، صوبن کي خاطري ڪرايان ٿو ته وفاق طرفان مڪمل مدد فراهم ڪئي ويندي، سياسي اختلاف هلندا رهندا آهن پر رياست سڀ کان مٿانهين آهي. ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن، پر ٽي ٽي پي هڪ ڌڙي جو نالو ناهي، هڪ ڌڙو واپسي لا تيار آهي ته ٻيو حملا ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button