اسلام آبادپاڪستان

بينظير انڪم پروگرام ۾ کدڙا فقير شامل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بورڊ جي ڊائريڪٽرن رجسٽرڊ مستحقن جي رقم سندن ذاتي بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي کدڙن فقيرن کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري پڌرائي موجب بي آءِ ايس پي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو 56 هون اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ثانيا رفعت، عثمان حسن سڌي ريت شرڪت ڪئي. جڏهن ته اشفاق حسن خان ۽ حارث غضدار وڊيو ذريعي شرڪت ڪئي. سيڪريٽري بي آءِ ايس پي يوسف خان، نادرا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت ۽ بي آءِ ايس پي جا اعليٰ سطحي نمائندا ۽ آفيسر پڻ موجود هئا. بورڊ بي آءِ ايس پي جي فائدي وارن کي نقد رقم ڏيڻ جي نئين ميڪنزم جي منظوري ڏئي ڇڏي. نئين نظام تحت فائدو حاصل ڪندڙ ڪنهن به شيڊول بئنڪ ۾ کوليل اڪائونٽ ذريعي نقد رقم وصول ڪري سگهندا. بورڊ بي آءِ ايس پي جي اسپانسر شپ پروگرام ۾ ٽرانسجينڊرز کي شامل ڪرڻ جي پاليسي جي به منظوري ڏني.شازيه مري ٽرانس جينڈڊر پاليسي جي منظوري کي موجوده حڪومت جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجو پورٽ فوليو ۽ اثر رسوخ استعمال ڪري هن پسمانده برادري کي متحرڪ ڪن ته جيئن وڌيڪ تعداد ۾ ٽرانس جينڊڈر فائدو وٺي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button