اسلام آبادپاڪستان

وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبا الڳ وزارتون قائم ڪن:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب تجويز ڏني آهي ته وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبا الڳ وزارتون قائم ڪن. 2030 ۾ پاڪستان جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050 ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. بيانئي جي جوڙجڪ ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ گهرجي. مريم اورنگزيب پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي تجويز ڏني ته وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبا الڳ وزارتون قائم ڪن. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ايندڙ هفتي نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي، نيشنل ٽاسڪ فورس ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پاڪستان جي 23 ڪروڙ ٿي وئي آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي. موسمياتي تبديلين جي تباهي وانگر وڌندڙ آبادي به خطري جي گهنٽي آهي. هن چيو ته آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿين ٿا. وفاقي وزير چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ تعليم صحت، جهڙا مسئلا صوبن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي رهي آهي، انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مسئلن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تباهي کي منهن ڏنو. مريم اورنگزيب چيو ته تباهه ڪندڙ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ ٻار ۽ عورتون سخت متاثر ٿيا. مريم اورنگزيب چيو ته ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ڪوٺايل قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرائي ۾ حدفن جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرائي تي صوبن جون صحيحون آهن. انهن حدفن ۽ تجويز ڪيل قدمن جي بحالي جي ضرورت آهي. مريم اورنگزيب وڌندڙ آبادي جي حوالي سان ڊجيٽل ميڊيا تي مهم هلائڻ ۽ بيانئي جي جوڙجڪ ۾ پاپوليشن ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button