پاڪستانسنڌ

پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: پي ٽي آءِ جي پارليماني پارٽي ليڊر خرم شيرزمان جي سربراهي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي سان تعلق رکندڙ ميمبرن شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صوبائي اسيمبلين تان استيعفى جي اعلان تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. ميمبرن جي اجلاس ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته چيئرمين عمران خان جي استعيفى جي حڪم تي فوري طور استعيفائون ڏنيون وينديون. ان موقعي تي اجلاس کان پوءِ پي ٽي آءِ جي پارليماني ليڊر خرم شيرزمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي زرداري مافيا کان نجات ڏيارڻي آهي، اسان ڇنڇر ڏينهن عمران خان سان ملاقات ڪنداسين، ملاقات لاءِ ميمبرن کي زمان پارڪ ۾ گهرايو ويو آهي اسان صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي تي سمورو ڊيٽا گڏ ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي بلال غفار، جمال صديقي، شاهنواز جدون، ارسلان تاج، عديل احمد، رياض حيدر، ڊاڪٽر سيما ضيا، رابعه اظفر نظامي، ملڪ شهزاد اعواڻ سميت ٻيا به موجود هئا. خرم شيرزمان چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي صورتحال تي عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي سنڌ ۾ راشن جا پئسا وزير پنهنجي گهر کڻي ويا، راشن ڊي سي جي ذريعي وڪرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button