پاڪستانسنڌ

ڊائريڪٽر زراعت جي سنڌ سرڪار کان لاڙڪاڻي جي ڀاڻ ڪوٽا وڌائڻ جي گهر

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر رياض حسين سومرو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد احمد تنيو سان سنڌ آبادگار بورڊ لاڙڪاڻي جي صدر عرفان علي جتوئي ملاقات ڪئي ۽ سنڌ حڪومت طرفان آبادگارن ۽ هارين کي فيڊ جي مد ۾ روڪ رقم ۽ ڀاڻ جي شارٽيج تي ڳالھيون ڪيون. ان موقعي تي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر رياض حسين سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبادگار اڳواڻ عرفان علي جتوئي ۽ ٻين سان گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت طرفان هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي ٻج جي مد ۾ في ايڪڙ تي 5 هزار رقم ڏني ويندي، جيڪا سروي 51 تپن ۾ 70 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪا 100 سيڪڙو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لسٽون ڪمپيوٽر تي چاڙهيون وينديون ۽ متاثر آبادگارن کي رقم ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو فصل هڪ ئي وقت ٿيندو آهي، جنهن ڪري زرعي ڀاڻ جي شارٽيج پيدا ٿيندي آهي، هن وقت ڀاڻ ڪمپنين ڀاڻ ٺاهڻ ڇڏي ڏنو آهي، گذريل سال به سنڌ حڪومت ٻاهران ڀاڻ گهرايو هو، جنهن لاءِ اسان سنڌ حڪومت سميت زراعت کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته هو ڀاڻ ڪمپنين کي هدايت ڪن ته لاڙڪاڻي جي ڪوٽا وڌائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button