ٽنڊوالهيار/عثمان شاهھ ھڙي: سلطان آباد ويجھو سريوال اسٽاپ وٽ مين ميرپورخاص-حيدرآباد روڊ تي میيرپورخاص کان حيدرآباد ويندڙ 125 موٽرسائيڪل سوار مير اسفند يار ۽ وجي ڪمار تيز رفتاري سبب ٽرڪ جي پويان وڃي لڳا ۽ موٽرسائيڪل ٽرڪ هيٺان اچي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو مير اسفند يار فوت ٿي ويو ۽ 22 ورهين جو وجي ڪمار زخمي ٿي ويو. جڏهن ته اطلاع تي سلطان آباد پوليس پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو، جتان زخمي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي همراهه قاسم آباد جا رهواسي آهن. پوليس حادثي بعد ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close