ڄامشورو (رپورٽ: ڪي ڪي بروھي) سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ تي 300 شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميه امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 2 ڊسمبر تي الوداعي پروگرام توڙي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان جاري ڪيل سرڪيولر واپس وٺي ڇڏيو، گذريل ڏينھن ڪئمپس تي تعليمي سرگرميون به بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، يونيورسٽي پاران نوٽيفڪيشن جاري، سنڌ يونيورسٽي مڪمل پوليس حوالي، خبر موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد جدوجهد اتحاد طرفان ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي ڏوھه ۾ ڄامشورو ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 13 سڃاتل ۽ 250/300 شاگردن مٿان ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن طرفان ثقافتي ڏينهن ملهائڻ ڏوھه بڻجي ويو. ڄامشورو ٿاڻي تي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي پوليس پوسٽ انچارج اي ايس آئي سيد شفيع محمد شاهه جي فرياد تي شاگرد جدوجهد اتحاد اڳواڻ فدا حسين پنهور، جانب وساڻ، مزمل زمان، آمر اڪاش لاکو، ارسلان، جسونت راٺوڙ، نبي عرف فرقان پنهور، دريا خان پنهور، لطيف ٻگهيو، شهباز پيرزادو، غني امان چانڊيو، رابع چانڊيو، زيب جتوئي سميت 300 نامعلوم شاگردن مٿان ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مين ڪئمپس مڪمل بند ڪري ڇڏيو، پوليس وڏي نفري مقرر، شاگردن ۾ خوف هراس ڇانيل آهي، پوليس ڪمانڊو اهلڪار به مقرر ڪيا ويا.
يونيورسٽي شاگردن طرفان پوليس مقرر ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا امن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪجھه ڏينهن اڳ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو طرفان گهرو سيڪرٽري کي خط لکي پوليس طلب ڪئي وئي، جنهن کانپوۡ اي ايس پي سيوھڻ بيدار بخت جي نگراني ۾ سموري ضلعي جي ايس ايڇ اوز سان گڏ پوليس مين ڪئمپس پهتل هئي، پوليس فليگ مارچ ڪيو. شاگردن ۾ خوف ڇانيل آهي. ان سلسلي ۾ شاگرد جدوجهد اتحاد اڳواڻ جو چوڻ هو ته يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن شاگردن طرفان ثفاقتي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن کانپوۡ ڪيترن ئي شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اڄ وري سموري يونيورسٽي ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، اڄ ورسٽي ڪچي واري علائقي جو ڏيک ڏئي رهي آهي، اسان پوليس کان ڊڄڻ وارا ناهيون جدوجهد پنهنجي جاري رکنداسين. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس تي امن امان جي صورتحال جي پيش نظر 2 ڊسمبر تي آخري سال جي شاگردن کي الوداعي پروگرام توڙي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان 30 نومبر تي ڏنل اجازت وارو سرڪيولر واپس وٺي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌيونيورسٽي جي استادن جي تنظيم سوٽا جي اڳواڻن ۽ ٻين ذميوران سان بار بار رابطو ڪرڻ ۽ سندن موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪنھن به فون اٽينڊ نه ڪيو. جڏھن ته ڄامشورو پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڳالھه سوشل ميڊيا تي اچڻ شرط ڪيس ۾ گھربل سمورا ماڻھو لڪي ويا آھن، پوليس پاران سندن گرفتارين لا مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا ويا آھن پر اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي.