پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ شاگردن طرفان انساني زنجير ٺاهي سنڌ کي ڀيٽا پيش

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ شهر ثقافتي رنگن سان جرڪي پيو. جي سي ٽي هلال اسڪول ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ معصوم ٻارڙن گيتن تي جهمريون هڻي رقص ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي جي سي ٽي هلال اسڪول سسٽم جي ايف يو عبدالغني بجير چيو ته اڄ قومي عيد جو ڏينهن آهي، جنهن کي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، ثقافت کي بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو، سنڌي ميڊيا هر سال سنڌ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٿي. جي سي ٽي هلال اسڪول جي اُستادن خالد بجير، معشوق علي بجير ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، اسان هن وقت تعليمي ميدان ۾ پوئتي پيل آهيون، تعليم ذريعي ثقافت کي اُجاگر ڪري سگهي ٿو. اُن موقعي تي اُستادن ۽ شاگردن وچن ڪيو ته اڄوڪو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ سميت زبردست ريلي ڪڍي ويندي. هوڏانهن مين پرائمري اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن قومي گيتن تي ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپال قربان علي اُنڙ، ساگر مُکي ۽ سُنيل لڇاڻي چيو ته ثقافتي ڏهاڙي ڀرپور نموني ملهائي دنيا کي پيغام ڏينداسين ته اسان سنڌي پرامن ۽ زنده قوم آهيون. ٻئي پاسي بجير پاڙي جي حاجي سليمان بجير بوائز پرائمري اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن طرفان ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاگردن خاڪا ۽ تقريرون ڪرڻ سان گڏ انساني زنجير ٺاهي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي استادن هيڊ ماستر پريتم ڪمار، نند لال، مڪيش ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button