عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ جمن يادگار ڪميٽي طرفان جمن دربدر جو چاليهو ملهايو ويو، جنهن لا ڳوٺ روحل وا ۾ چاليهي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلا پھتا. جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري، اديب دانشور تاج جويو، نواز شاهه ڀاڏائي، امير حسن پنهور، گلشن لغاري، وڪيل علي حسن چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر ملاح، حيدر شاهاڻي، اقبال رند ۽ ٻين گيت ڳائي ڏيئا ٻاري جمن دربدر جي قبر تي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. تقريب ۾ جمن دربدر تي لکيل تاثرات تي مشتمل ٻن ڪتابن “رتي لالاڻ ۾ ملبو” ۽ “جوڳي کٽيو جس” جو مهورت پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي اديب ۽ دانشور تاج جويو چيو ته جمن دربدر آخري دم تائين سيد جي فڪر تان نه هٽيو، جنهن پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ کي بيدار ڪيو، جمن دربدر عبدالواحد آريسر سان گڏ سڄي سنڌ ۾ فڪر سيد کي ڦهلايو. جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته جمن دربدر انتهائي ڏُکين مرحلن ۾ به قوم سان بيٺو رهيو، عبدالواحد آريسر جو تمام ويجهو ساٿي رهيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته جمن دربدر وٽ هر پارٽي جي ماڻهو جي عزت هئي، هن جي سنڌ لا ڪيل جدوجهد رائيگان نه ويندي. جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نواز شاھه ڀاڏائي چيو ته جمن دربدر سنڌ جي مزاحمتي ڪردار سان گڏ اسان لا اتساھه جو سبب پڻ هو. هن سيد جو فڪر جهر جنگ ڦهلايو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ امير آزاد پنهور چيو ته جمن دربدر فقير منش ماڻهو هو، جنهن سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي نوجوان شاعر اقبال رند، جي ايم ڀڳت، حاجي ساند، مير حسن آريسر، سڪيلڌو راهمون، حاجي ساند، سورهيا سنڌي، گلشن لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب جي پڄاڻي تي مختلف فنڪارن سُر وکيريا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close