آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته وطن جي هڪ هڪ ٽڪري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏينداسين، ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. اهڙو اظهار هن لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر جي دوري دوران آفيسرن ۽ جوانن سان خطاب دوران ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس ايل او سي جي تازي صورتحال ۽ فارميشن جي آپريشنل تيارين بابت بريف ڪيو ويو. آ ايس پي آر موجب آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن پيشيوراڻي قابليت توڙي بلند حوصلي جي واکاڻ به ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڀارتي قيادت گلگت- بلتستان ۽ آزاد ڪشمير بابت انتهائي غير ذميوار بيان ڏنا آهن، پاڪستان جي هٿياربند فوج وطن جي دفاع ۽ ڪنهن به مهم جوئي جو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪ فوج وطن جي هڪ هڪ ٽڪري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ڪنهن به ايڊونچر جو ڀرپور سگهه سان جواب ڏنو ويندو ۽ ڀارت پنهنجي ڪنهن به ناپاڪ ارادي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته دنيا ڪشميري عوام سان گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق واعدو ڪيو آهي ۽ ڪشميرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري. ان کان اڳ آرمي چيف جو ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل شاهد امتياز استقبال ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close