نواز ليگ عمران خان کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ کان صاف جواب ڏئي ڇڏيو آهي، وفاقي وزير سعد رفيق ۽ راڻا ثنا الله چيو آهي ته ڌمڪيون ۽ ڳالھيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن، ڳالهيون عمران خان جي ضرورت آهن، اسان جي نه، جيڪڏهن اڃا به ڳالهيون چاهي ٿو ته فيصلو پي ڊي ايم ڪندو. لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ڌمڪيون، گاريون، الزام ۽ ڳالهيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن، ٽئين طاقت مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڳالهيون عمران خان جي ضرورت آهن اسان جي نه، سياستدان ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪندا آهن، هي معاملو پي ڊي ايم ۾ کڻي وينداسين. وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي ڳالهين واري آڇ تي پي ڊي ايم گڏجي فيصلو ڪندي، عمران خان پوڻن چئن سالن تائين اپوزيشن سان هٿ نه ملايو، فرعونيت ڏيکاريندو رهيو، اسان کي ڌمڪيون ۽ شرط قبول نه آهن. خواجا سعد رفيق چيو ته ڳالهيون ڪڏهن به مشروط نه ٿينديون آهن، اسيمبليون ٽوڙڻ سان نقصان عمران خان جو ئي ٿيندو، هاڻي هنن جي چورن نه وڪامبي، جيڪڏهن عمران سمجهي ٿو ته اسان اليڪشن کان ڊڄون ٿا ته اها سندس خام خيالي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اسيمبليون ٽوڙڻ لا نه هونديون آهن ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ سٺو عمل به ناهي، اسان جي اتحادين کي ڳالهين تي شديد خدشا آهن، اسان کي پهريون ڀيرو اليڪشن ناهي وڙهڻي، سڄي زندگي اهو ئي ڪندا آيا آهيون، جيڪڏهن چونڊون آيون ته ڀرپور نموني وڙهنداسين پر اليڪشن وقت ۽ شفاف نموني ٿيڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close