پاڪستان

عمران خان جو هڪ ٻيو يو ٽرن،حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڦري ويو

عام چونڊن تي حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪرڻ بعد تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ٻئي ڏينهن تي پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو، هن هلندڙ مهيني ئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ خيبر پختونخوا صوبي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران ڪارڪنن سان خطاب ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت کي ڪيل ڳالهين جي آڃ تان يو ٽرن وٺي ڇڏيو. هن چيو ته مون حڪومت کي اهو سمجهايو ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته عام چونڊن تي ڳالهائي سگهجي ٿو پر منهنجي خيال ۾ شايد غلط پيغام هليو ويو آهي، هاڻي هو اليڪشن ڏانهن اچن يا نه اچن، جيڪڏهن عام چونڊن ڏانهن اچن ٿا ته اسان اليڪشن وڙهڻ لا تيار آهيون پر جيڪڏهن هو نٿا اچن ته اسان هلندڙ مهيني ئي انشا الله صوبائي اسيمبليون ٽوڙي اليڪشن ڏانهن هليا وينداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو جيڪڏهن ائين مون سان ٿئي ها ته آپگهاتي حملو ڪري ڇڏيان ها، توهان سڀني ميمبرن کي چوان ٿو ته اعظم سواتي لاءِ احتجاج ڪريو، اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کانپوءِ جيڪڏهن هن غلط ٽوئيٽ ڪيو ته سندس ذهني حالت جو خيال ڪيو وڃي ها، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪير اهو سمجهي چُپ نه رهي ته اهو سڀ ڪجهه اعظم سواتي سان ٿيو، اسان سان نه ٿيندو، پي ٽي آءِ ۾ ڪنهن سان به ائين ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اعظم سواتي لاءِ احتجاج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button