پاڪستانسنڌ

دادو ۾ به ثقافت جو جادو، سڄي شهر ۾ ريليون

دادو: دادو شهر جي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي، قومپرست، ٽريڊ يونين ۽ مختلف برادرين جي ماڻهن ريليون ڪڍيون، جيڪي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا، جتي مک تقريب پريس ڪلب پاران ڪوٺائي وئي، تقريب جي ڪمپيئرنگ سنڌ جي مشهور مزاحيه اداڪار رشيد چارڻ ڪئي، تقريب ۾ دادو ۽ سنڌ جي مشهور فنڪارن ٻالڪ سنڌي، احسن سخيراڻي، حبدار سخيراڻي، عباس چانڊيو، قاسم فاروقي، غلام مصطفيٰ بروهي، منصور کوسو، ماسٽر اعجاز منگي، سهيل عباس، وفا گلشير لغاري، عامر سنڌي ۽ ٻين ثقافتي ۽ قومي گيت پيش ڪيا ته سنڌي ٽوپي پهريل نوجوان، ٻڍا پڪا، ٻار جهومي اٿيا. مک تقريب صبح کان شام تائين جاري رهي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ثقافتي ويس پهريل ٻار توڙي نوجوان رقص ڪندي نظر آيا، ان موقعي تي شهرين چيو ته سنڌ جي ثقافت وارو ڏهاڙو سنڌي قوم لاءِ عيد جيان آهي. هنن چيو ته سنڌي ميڊيا جس لهڙي جنهن هميشه وانگر هن ڀيري به سنڌي قوم کي گڏ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button