پاڪستانسنڌ

عمر ۽ مارئي جي ديس ۾ ثقافت جون رونقون، هزارين ماڻهن جو جشن

عمرڪوٽ: عمر ۽ مارئي جي ديس عمرڪوٽ شھر ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا. مختلف سياسي سماجي ڌرين، ادبي حلقن، استادن، شاگردن طرفان سنڌي لباس اجرڪ، پٽڪا ۽ ٽوپيون پائي ريليون ڪڍيون ويون. تحريڪ انصاف اڳواڻ ليکراج مالھي، علي نواز شاھاڻي ۽ حاجي حسين جي اڳواڻي ۾ ريلي پريس ڪلب پھتي. مھر برادري جي ريلي محمد فيان مھر، غلام مرتضيٰ مھر، عبدالقيوم مھر، الله بخش مھر، محمد عاليان مھر، ھنز الله مھر، خاصخيلي اتحاد طرفان رسول بخش رحمداڻي، اسد علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، ينگ سجاگ فورم طرفان فقير محب مڱريو، جي ايم راھمون، راڻو مل مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، جڏھن ته ھائي اسڪول ون جي استادن ۽ شاگردن جي ريلي فقير محمد خاصخيلي، رفيق احمد، آغا شھباز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهتي. اھڙي ريت سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن، استاد ۽ شاگرد ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهتا، جتي تقريب کي خطاب ڪندي ليکراج مالھي، ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي، امان الله سمون، ۽ ٻين چيو ته ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ واسين کي سلام ۽ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، سنڌ ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ تباھي آندي ۽ ھزارين گھر ڪريا، پر سنڌ جي ثقافت اڄ به گھر گھر زنده ۽ اجاگر آھي، سنڌ جي خودمختياري ۽ بحالي لا اسان سڀني کي گڏجي جھدوجھد ڪرڻي پوندي. تقريب کي سماجي اڳواڻن عبداالله کوسو، سھيل ڪنڀر ۽ ٻين سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي سنڌ ثقافت جي حوالي سان ويچار ونڊيا. معصوم ٻارڙي مدثر شڪيل ڪنڀر ثقافتي گيت ڳايو. شاگردن ڪيلاش، محمد صالح، اشفاق، علي اڪبر، سفير، انيل ڪمار ۽ ٻين پڻ داد حاصل ڪيو. ٻارڙي انيل ڪمار پاران مور ٿو ٽلي راڻا اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ٽيبلوز پيش ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button