پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ثقافت جو جشن، راجپوت نوجوانن جو تلوارن تي رقص

مٺي: مٺي ۾ ٿري ماروئڙن ريلين، تلوارن ۽ ڏنڊين تي رقص ۽ راڳ رنگ جي رنگا رنگي محفلن ذريعي عيد جو ثقافتي ڏينهن وڏي قومي جذبي سان ملهايو. جڏهن ته مٺي ۾ ثقافتي عيد جي ڏينهن راجپوت برادري جا ماڻهو روايتي لباس ۾ تلوار ۽ ڏانڊين تي رقص ڪندي روڊن تي نڪري آيا، سندن تلوارن ۽ ڏانڊين تي رقص عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو. ڏاڏا اڪبر درس پاران نوجوان شاگرد کي گهوٽ جا شادي وارا موڙ ٻڌرائي ڊول تي رقص انڊلٺي رنگن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو ۽ هر طرف ٿري ماروئڙن جي ثقافتي جشن جا منظر ڪنهن ڪنوار جي سينگار جهڙن نظارن جي عڪاسي ڪري رهيا هئا. سياسي سماجي تنظيمن ۽ مختلف اسڪولن جي شاگردن توڙي برادرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي جشن ملهايو ويو ۽ مٺي جي هر گهٽي ۾ سنڌي ثقافت جا گلدستي جهڙا رنگ نکري پيا هئا ۽ ريلين ۾ ٿري ماروئڙن قومي گيتن، ٽيبلوز تي خوب رقص ڪيو ۽ سنڌي ثقافت کي ڀيٽائون پيش ڪيون. ريلين ۾ مقامي چونڊيل نمائندن، سياسي سماجي اڳواڻن، واپارين، ٿري فنڪارن ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته راڻا ڪوٺڙي کان راجپوت برادري پاران نڪتل ريلي ۾ شريڪ نوجوانن کي راجپوتي لباس ۽ راجپوتي پٽڪا (ڦينٽا) پاتل هئا، جن پاران راجپوتن جي قديمي تلوارن ۽ ڏانڍيا راند تي رقص ڪيو ويو. مقامي راڳين قومي گيتن سان تقريبن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هوڏانهن مختلف اسڪولن جي شاگردن جون ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button