ميھڙ: ميهڙ شھر ۾ امن امان تي ضابطو نه آيو. هٿياربندن ڦرلٽ ڪندي سنڌ بئنڪ جي ڪيشيئر کي قتل ڪري ڇڏيو. واپاري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ ميهڙ وچ شھر لعل شاھه ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سنڌ بئنڪ جي ڪيشيئر سعيد پٽ نظير احمد شيخ کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند گوليون هڻي ڪيشيئر سعيد پٽ نظير شيخ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، وارثن زخمي کي فورن تعلقي اسپتال آندو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جنهن بعد لاش تعلقي اسپتال ميهڙ آڻي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مرزا شاهھ پاڙي ۾ نامعلوم ھٿياربند ڪنفيڪشنري جي واپاري سعيد ولد عبدالقادر شيخ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري وڃي رھيا ھئا ته واپاري سندن پيڇو ڪيو، جنهن تي ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، گولي لڳڻ سبب واپاري سعيد شيخ سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي شھرين زخمي حالت ۾ کڻي نجي اسپتال پھچايو، جتان کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close