پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ ثقافتي مچ ڪچهري، سگهڙن پاران ڏور، بيت پيش

جهڏو: جهڏو ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا. قومي عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي شاندار مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي. ڳوٺ محمد عثمان ڪڇي ۾ ڪڇي برادري پاران شھيد شاهزيب ڀنڀرو ۽ شھيد يونس ڀنڀرو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا شاندار ثقافتي مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻڻ ۽ نوجوان اتحاد تنظيم جي ماڻھن ثقافتي ويس سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪا پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مچ ڪچھري ۾ ڀلوڙ شاعرن، سگهڙن ۽ راڳين بيت، ڳجهارتون، ڏور، شاعري ۽ قومي گيت ڳائي محفل مچائي ڇڏي. قومي گيتن تي ٻارن توڙي وڏن جهمريون هڻي رقص ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button