پاڪستانسنڌ

عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاج

عمرڪوٽ: پ پ شھيد ڀٽو ضلعي عمرڪوٽ جي ڪارڪنن پ پ شھيد ڀٽو سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي جي گرفتاري خلاف پريس ڪلب آڏو ڪاريون پٽيون ٻڌي سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڪامريڊ ڀاڳومل ميگھواڙ، روي ميگھواڙ، ھاشم ڀيل، ڪيلاش ڪمار، ڦوٽو مل،گلجي، پون ڪمار، راجا پرمار ۽ ٻين ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته شھيد مير مرتضى ڀٽو جي ويجھي ساٿي پ پ شھيد ڀٽو سنڌ جي سينيئر اڳواڻ عنايت علي عمراڻي خلاف سياسي انتقام طور اي ٽي سي جا جڙتو ڪيس داخل ڪري کيس ناحق بند ڪيو ويو آھي. اسان سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته شھيد ڀٽو اڳواڻ مٿان جڙتو ڪيس ختم ڪري کيس جلد آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button