پاڪستانسنڌ

سنڌ کي ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ ڀلي صوبا ٺاهيا وڃن:مخدوم جميل الزمان

شاهپور چاڪر: سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته اليڪشن وقت کان اڳ نه ٿيڻ گهرجي، بينظير ڀٽو شھيد کي 2 يا 3 سال حڪومت ڏئي هٽايو ويو ۽ ٻين چونڊيل حڪمرانن کي به هٽايو ويو، اهو فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪي حڪمران چونڊجي اچن ٿا، انهن کي پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن، عمران خان جي به حڪومت ختم نه ٿيڻ گهرجي ها، ان کي به 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ها. شاهپورچاڪر ۾ سروري جماعت اڳواڻ ۽ پ پ تعلقي جي جنرل سيڪريٽري گل محمد ڏاهري جي ڌيءَ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته بلاول ڀٽو وزيراعظم چونڊجي اچي ۽ ھو به جمهوري حڪومت جا 5 سال پورا ڪري، مان وقت کان اڳ اليڪشن جي حق ۾ ناهيان. هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف پارٽين جا اڳواڻ آھن، جيڪڏھن پي ڊي ايم اتحاد ڪري شھدادپور مان صوبائي سيٽ تي اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير ميمڻ کي گڏيل اميدوار طور سامهون آڻي ٿي ته سروري جماعت ان جي حمايت ڪندي، جيڪڏھن سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ڪا ڪميٽي جڙي آھي ته انهي ڪميٽي کي صلاح ڏيندس ته اها سنڌ کان ٻاهر رهي، اسان جي سنڌ جيئن آھي، ائين ئي رهندي، باقي ٻئي ڪنهن هنڌ صوبا ٺاهڻا آھن ته ڀلي ٺاهيا وڃن، نشانو سنڌ کي بڻائي سنڌ ۾ صوبا ٺاهڻ جي مهم پنجاب ۾ ھلائي ٿي وڃي ته اسان ان جي مذمت ڪنداسين. ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي آھي، جڏھن ماڻھو گڏ ھوندو آھي ته اجتماعي فيصلا ڪرڻا هوندا آھن، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اليڪشن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مٽياري ڪرپشن اسڪينڊل تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي آھي، اڃا هڪ پريس ڪانفرنس ڪرڻي آھي، مان پاڻ جاچ ۾ آھيان ته اسان جي ضلعي جا پئسا ڪيڏانهن ويا، اهي واپس ٿيڻ گهرجن، انهن پئسن مان اسان جي ضلعي جا روڊ ٺھڻ گهرجن، چاهيان ٿو ته جيڪو انهي ڪرپشن ۾ ملوث آھي، انهي کي سزا ملڻ گهرجي. اميد ٿا ڪريون ته جڊيشري صحيح فيصلو ڪري ان کي منظر تي آڻيندي. اين ايڇ اي وارن جو منصوبو سکر کان شروع ڪري مٽياري ويندي حيدرآباد تائين وڃي ٿو، انهي جي به انڪوائري ٿيڻ گهرجي. پارلياماني ميمبرن يا پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن جي ڪميٽي ٺھڻ گهرجي، جيڪا ان سڄي معاملي جي انڪوائري ڪري، اسپيڪر کي خط لکيو آھي ته ان ڪاميٽي ۾ تحريڪ انصاف جو ميمبر ضرور هجي. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان ڄام سعيد خان ڏاهري ۽ حضور بخش ڏاهري سان ڀا ڄام مصري خان ڏاهري جي وفات تي عذرخواهي پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button