پاڪستانسنڌ

موٽر وي ميگا اسڪينڊل: مختيارڪار محرابپور سميت 6 جوابدار گرفتار

نوشهروفيروز: ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي مختيارڪار محرابپور سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد نادر ابڙي جي اڳواڻي ۾ محرابپور جي مختيارڪار شفيق سومرو، تپيدار غلام حقاني ۽ اسٽامپ وينڊر آفتاب سمورو کي گرفتار ڪيو ويو. جڏھن ته ٽيم ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جي آفيس تي ڇاپو ھڻي فرار ٿيل اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم جي پي اي عزيز انصاري، اڳوڻي اڪائونٽنٽ رستم کوسو ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسر سجاد ميمڻ کي به گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر نوشهروفيروز محمد زمان اعواڻ جي مدعيت ۾ اڳوڻي ڊي سي جي پي اي سميت 13 ڄڻن خلاف لينڊ اڪيوزيشن فراڊ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته نوشهروفيروز جو ڊي سي تاشفين عالم اڳ ئي فرار ٿيل آھي. اينٽي ڪرپشن شھيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نادر ابڙي ٻڌايو ته ڪيس ۾ گھربل باقي جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا. ٻئي طرف گرفتار ڪيلن کي اڄ رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button