پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاھه ۾ يونين ڪائونسل گاڏھي جي ڳوٺ چپر خان گاڏھي، خوشالاڻي گاڏھي جي ٻوڏ متاثرن پاران واھر نه ٿيڻ تي با پاس ھا وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ ڊي سي دادو ۽ مختيارڪار ڪي اين شاھه خلاف زبردست نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي امتياز علي گاڏھي، غلام عباس گاڏھي، شاھنواز گاڏھي، شيراز، لطيف، ردائي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ جو پاڻي ھن وقت به اسان جي ڳوٺ مان نڪري ناھي سگھيو،

اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن ۽ اسين ھن وقت به پنھنجن ٻچن سميت بندن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون، حڪومت طرفان ڪابه واھر نه ٿي سگهي آهي. ڊي سي دادو، مختيارڪار ڪي اين شاھه ۽ چونڊيل نمائندن پاران اسان جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي. هنن چيو ته آيل راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان پنھنجن من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي. جنھن جي ڪري اسين پنھنجن ٻچن سميت بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهيون. ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ڊھي ويل گھرن جي ٻيھر تعمير لا معاوضو ڏنو وڃي. جنھن بعد ڊي ايس پي ۽ مختيارڪار ڪي اين شاھه ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سان ڳالهيون ڪري مطالبن جي مڃتا جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button