پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ٽرڪ ٻوڏ متاثرن تي چڙهي وئي،2 معصوم ڀينرون ما سميت فوت

ٽنڊوالهيار/چمبڙ: ٽنڊوالهيار ۾ ڪمند سان ڀريل ٽرڪ ٻوڏ متاثرن مٿان چڙهي وئي، معصوم ڀينرون ما سميت فوت ٿي ويون. وارثن لاش رکي مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب ٽنڊوالهيا ر۾ چمبڙ-ٽنڊوالھيار روڊ ڪراچي ھوٽل اسٽاپ لڳ ڳوٺ رام بستي ڪولهي ڪالوني ۾ پناهگير ٿي روڊ ڪناري ويٺل ٻوڏ متاثرن جي جهوپڙن مٿان رات جو دير سان فجر جي وقت تيز رفتار ڪمند سان ڀريل ٽرڪ چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڍ ستل پورھيت منروپو ڪولھي جي گھرواري جمنا ڪولهي، سندس ٻه نياڻيون 7 سالن جي چمپا ۽ 5 سالن جي پارورتي ڪولهي تڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته سندن ھڪ نياڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن بعد فوتين جي وارثن چمبڙ روڊ بند ڪري لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب 4 مھينا گذرڻ باوجود ھٿرادو ٻوڏ جو بيٺل پاڻي اڃا تائين ناهي نڪري سگهيو، جيڪڏهن اسان جي علائقن مان برساتي پاڻي نڪتل هجي ها ته اڄ هي واقعو پيش نه اچي ها. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرائي اسان جو ازالو ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلهه متاثر خاندان وٽ پهچي متاثرن سان ڳالهيون ڪري تفصيل ورتا. ان موقعي تي تحريڪ انصاف اڳواڻ علي پلهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ضلعي انتظاميا جي ذميواري آهي، پر چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي جي ڪري هي واقعو پيش آيو آهي. معصوم ٻارڙين ۽ سندن ما جي فوت ٿيڻ جو ڪيس ضلعي انتظاميا تي داخل ڪرايو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي متاثر خاندان جي واهر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button