پاڪستانسنڌ

نصرپور ۾ پورهيت گوليون هڻي قتل، وارثن جو ڌرڻو

ٽنڊوالهيار: نصرپور ۾ هٿياربندن پورهيت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن انصاف لا ڌرڻو هنيو. پوليس ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب نصرپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لاشاري اسٽاپ وٽ صبح جو سوير پورهيت امجد لاشاري پنهنجي ڪيبن کولي رهيو هو ته مٿس حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب پورهيت زخمي ٿي پيو، جنهن کي مقامي اسپتال آندو ويو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. پورهيت جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي لاشاري برادري جي ماڻهن ۽ مقتول جي وارثن نصرپور-مٽياري روڊ ۽ ٽنڊوالهيار-نصرپور روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انصاف لا نعريبازي ڪئي. احتجاج دوران پوليس جا اٽالا پهچي ويا، جن وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. ان موقعي تي وارثن چيو ته ظالمن اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي نصرپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او اي ڊي ڀنڀرو ٻڌايو ته نصرپور ٿاڻي تي مقتول امجد لاشاري جي وارث سائينداد لاشاري جي فرياد تي ٻن ڄڻن ڏاڏا شاهه ۽ واجد مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار امداد شاهه عرف ڏاڏا شاهه کي گرفتار ڪيو آهي. هنن ۾ بجلي جي تار جي معاملي تان منهن ماري ٿي هئي، واقعي جي جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button