پاڪستانسنڌ

ناميارو صحافي آچر خاصخيلي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊوآدم: سنڌ جي ثقاقت لا پاڻ پتوڙيندڙ ناميارو صحافي آچر خاصخيلي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخي ماڳن جي حوالي سان متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ ناميارو صحافي آچر خاصخيلي ڪراچي ۾ ڪينٽ واري علائقي ۾ گهر اندر 45 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جو ٽنڊوالهيار ضلعي جي تعلقي جهنڊومري جي ڳوٺ حاجي پيارو خاصخيلي سان تعلق هو. آچر خاصخيلي ٽنڊوآدم مان تعليم حاصل ڪئي، آچر خاصخيلي سنڌ جي اربيلي شاعر حسن درس جو پاڙيسري هجڻ سبب قربت وڌڻ ۽ سندس صحبت ۾ رهي صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ ٽنڊي آدم مان ڪيترن ئي اخبارن ۾ ڪيو ۽ هڪ سنڌي خانگي ٽي وي چينل ۾ رپورٽنگ ڪئي، جنهن بعد هن ڪراچي ۾ ٽي وي چينل ۾ رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو. آچر خاصخيلي کي تاريخ ۽ تاريخي ماڳن سان وڏي دلچسپي هئي، جنهن جي ڪري هو مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي جو بنياد رکي هر سال ثقافتي پروگرام ڪرائيندو هو ۽ تاريخي ماڳ مڪانن جي بحالي لا سندس وڏو ڪم ڪيل آھي. آچر خاصخيلي جي ڪوششن سان تاريخي ماڳ برهمڻ آباد جي ٻيهر کوٽائي ٿي ۽ ٻين ماڳن تي ڪم شروع ٿيو. هن عوامي پريس ڪلب جو بنياد وجهي نوجوانن کي صحافت جا گر سيکاريا ۽ ڪيترائي سال عوامي پريس ڪلب جو صدر رهيو. هر وقت ثقافت ۽ تاريخي ماڳن کي بچائڻ واري ڪم ۾ مصروف رهندو هو. هن تازو پهرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ سورميون ڪانفرنس ڪوٺائي. رابطو ڪرڻ تي سندس وڏي ڀا گل حسن خاصخيلي ٻڌايو ته ڀا ڪراچي ۾ فوت ٿي آھي، لڳي ٿو ته کيس دل جو دورو پيو آھي، ان کان اڳ به هڪ ڀيرو کيس ميجر اٽيڪ ٿي چڪو آھي. مرحوم جو مڙهه ڳوٺ لا روانو ڪيو ويو. معلوم ٿيو آهي ته ٻن ڏينهن کان آچر خاصخيلي گهر مان ٻاهر نه نڪتو، پاڙيوارن جي اطلاع تي گهر مالڪ پهچي گهر کوليو ته اندر سندس لاش پيل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button