پاڪستانپنجاب

سموگ آفت قرار، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سموگ کي آفت قرار ڏيندي سموگ کي گهٽائڻ لاءِ لاهور سميت ٻين شهرن ۾ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي سموگ کي آفت قرار ڏنو. هن سموگ جي خاتمي لاءِ جوڙيل پلان تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته سموگ پيدا ڪندڙ عنصرن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. پنجاب جي وڏي وزير هدايتون ڏنيون ته ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، صنعت ۽ انتظامي کاتي جا آفيسر پاڻ فيلڊ ۾ وڃن. چوڌري پرويز الاهي پنجاب ۾ فصلن جي باقيات کي باھه لڳائڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ ھدايت ڪئي ته فصلن جي باقيات کي باھه لڳائڻ وارن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button