اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف قتل بابت حڪومتي ٽيم رد،خاص جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ارشد شريف جي قتل بابت حڪومتي جي آءِ ٽي رد ڪندي نئين خاص جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف قتل جي پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ ڪئي. ان دوران چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته ارشد شريف جي امڙ جو موقف به ٻڌو ويندو، جنهن تي صحافي حسن ايوب روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ارشد شريف جي امڙ کي آڻڻ لاءِ لفٽ نه هئي. پوليس ارشد شريف جي گهرڀاتين سان خراب ورتاءُ ڪري رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته وهيل چيئر لاءِ لفٽ تبديل ڪري رهيا آهيون، ان تي معذرت ڪيان ٿو، پوليس وارو معاملو به ڏسي وٺنداسين. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ارشد شريف قتل ڪيس جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ عدالت کي پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته رپورٽ ارشد شريف جي وارٽن کي به ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس طرفان ارشد شريف قتل جي جاچ لاءِ هر حد تائين مدد ڪئي پئي وڃي. پاڻمرادي ڪيس تي شنوائي ٿي، عدالت پاران ارشد شريف جي قتل بابت جوڙيل حڪومتي جي آءِ ٽي کي رد ڪيو ويو آھي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته مبينا شوٽر ڪينين پوليس جو رڪن هو يا نه ؟ جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڪينين پوليس جي ٽن اهلڪارن کي انٽرويو رپورٽ ۾ شامل ڇو ناهي ڪيو؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪينيائي اختيارين کان جاچ ٽيم معلومات حاصل ڪئي، فائرنگ ڪندڙ ٽن اهلڪارن سان ٽيم جي ملاقات ڪرائي وئي، چوٿين اهلڪار جي زخمي هئڻ سبب ملاقات نه ڪرائي وئي. ڪينيا ۾ لاڳاپيل وزير ۽ ڪبينا سيڪريٽري سان ملاقات جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هاءِ ڪميشن لاڳاپيل اختيارينسان رابطي ۾ آهي. ان دوران عامر رحمان ٻڌايو ته ارشد شريف جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته فائرنگ ڪرڻ وارو ڪير هو؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته فائرنگ ڪرڻ واور ڪينيائي پوليس جو اهلڪار هو. چيف جسٽس چيو ته رات هڪ وڳي عدالت کي رپورٽ ڏني وئي آهي، ارشد شريف جو وحشياڻو قتل ٿيو، سينيئر صحافي جي قتل جو واقعو ڪينيا ۾ ٿيو، انهن کان مدد ورتي وڃي. ارشد شريف جي قتل ڪيس جا ڪجهه شاهد پاڪستان ۾ به آهن، ڇا پوليس مان ڪو عدالت آيو آهي؟ ڇا رپورٽ لکڻ وارا آفيسر عدالت ۾ موجود آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي اسلام آباد ۾ موجود آهن. جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته رپورٽ ۾ ذميوارن جو نالو لکيل آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ڪئي وڃي؟ رپورٽ ۾ لکيل ڪردارن کي نظرانداز ڪيو ويو، اوهان کي خبردار ڪري رهيو آهيان ٻيهر اهڙي رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪجو. سپريم ڪورٽ حڪومت طرفان ارشد شريف قتل جي جاچ لاءِ قائم اسپيشل جي آءِ ٽي رد ڪندي وفاقي سرڪار کي فوري طور نئين جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت چاهي ٿي ته آزاداڻي ٽيم قتل جي جاچ ڪري، جاچ ٽيم جي ڪنهن ميمبر جو ڪنهن بااثر سان واسطو نه هجي. اسپيشل جي آءِ ٽي کي پرڏيهه جاچ جو اختيار ڏنو وڃي. گڏيل قومن سميت عالمي ادارن کان به سهڪار گهرجي ته ان لاءِ پرڏيهي وزارت مدد ڪري. چيف جسٽس چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ آهي ته ٻن ڀائرن مان هڪ ارشد شريف کي ويزا موڪلي، ڀائرن مان هڪ عام انداز ۾ ٻئي کي ڪال تي ٻڌايو ته ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته ارشد شريف قتل واري معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪابينا کان منظوري بعد جي آءِ ٽي ۾ آءِ بي، آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي جا آفيسر پڻ شامل ڪيا ويندا. چيف جسٽس چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جو ساراهه جوڳو آهي. جڏهن ته جسٽس مظاهر نقوي چيو ته فائرنگ ڪرڻ وارن اهلڪارن جا نالا رپورٽ ۾ ناهن لکيا ويا. جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ ڪنهن بنياد تي ٽن ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو؟ جڏهن ته جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته فائرنگ ڪرڻ وارن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڇو ناهي ڪيو ويو؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته معاملي جو جائزو وٺڻو پوندو پرڏيهين خلاف ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو يا نه، انڪوائري رپورٽ رڪارڊ جو حصو بڻبي. جسٽس مظاهر نقوي رمارڪس ڏنا ته انتهائي سنجيدا معاملو آهي، خبردار ڪري رهيو آهيان ته حڪومت به ان کي سنجيدگي سان وٺي، عدالت رڳو اوهان کي ٻڌڻ لاءِ نه آهي. ارشد شريف جي امڙ رفعت آرا عدالت ۾ پيش ٿي ۽ ٻڌايو ته ارشد شريف سان ڇا ڇا ٿيو ان بابت رپورٽ ٺاهي آهي، ارشد شريف جي امڙ سپريم ڪورٽ ۾ لڙڪ لاڙيندي چيو ته اوهان کان درخواست آهي ته اسان کي انصاف ڏياريو، ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ پرڏيهه ۾ به سک سان رهڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته ارشد شريف کي ڪهڙي نموني ملڪ مان ڪڍيو ويو اهو هن رپورٽ ۾ لکيل آهي، دبئي مان جئين کيس نيڪالي ڏني وئي اهو به رپورٽ ۾ موجود آهي، مون کي رڳو پنهنجي پٽ لاءِ انصاف کپي. چيف جسٽس چيو ته افسوس جوڳي واقعي ته اوهان سان معذرت ڪيان ٿو، اٽارني جنرل صاحب! اوهان ارشد شريف جي امڙ جي پيش ڪيل رپورٽ ڏسو، اوهان کي خاطري ڪريان ٿو ته جاچ ٽيم بنا دٻاءُ جي قتل جي جاچ ڪندي. ارشد شريف جي امڙ جي ٿورا مڃڻ تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مسز علوي ٻن شهيدن تي ڏکويل ماءُ آهي، ٿورا مڃڻ جي ضرورت ناهي، عدالت پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهي. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته اوهان کي جاچ ٽيم کي بيان رڪارڊ ڪرائڻو پوندو، جنهن تي رفعت آرا چيو ته جاچ ٽيم وٽ پهريان به بيان رڪارڊ ڪرائي چڪي آهيان. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ارشد شريف جي ما ڪيئي ماڻهن جا نالا ڏنا آهن، حڪومت قانون پٽاندڙ سمورن رخن کان جاچ ڪري، قتل جو ڪيس آهي انڪري عدالت ڪميشن ناهي جوڙي، ڪيس شروع ئي خرم ۽ وقار کان ٿئي ٿو، عدالت کي اڄ نئين اسپيشل جي آءِ ٽي بابت آگاهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button