اسلام آبادپاڪستان

شازيا مري جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد : جعلي ڊگري واري الزام ۾ وقافي وزير شازيا مري جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست موجب شازيا مري 2018ع وارن نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط بياني ڪئي ۽ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو. شازيا مري جي نامزدگي ڪاغذن تي مختلف اميدوارن طرفان اعتراض واريا ويا هئا. ڪشن چند پارواڻي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٽربيونل ثبوتن جو درست جائزو وٺڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انڪري ٽربيونل وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته غلط بياني ڪندڙ وزير شازيا مري کي آرٽيڪل ون 62 ايف تحت نااهل قرار ڏئي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان هٽايو وڃي ۽ مٿس مستقبل ۾ چونڊ وڙهڻ تي پابندي مڙهي وڃي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شازيا مري آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پور نٿي لهي ۽ ايم اين اي جي سيٽ جي اهل نه آهي. اليڪشن ٽربيونل جو 12 نومبر 2022 وارو فيصلو قانون جي خلاف آهي. درخواست ۾ چيوويو آهي ته شازيا مري جي لينڊلارڊ فيملي سان واسطو رکي ٿي هن نه ڪڏهن لياري مان تعليم پرائي نه ئي اتي سندس رهائش هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button