پاڪستانسنڌ

ٽنڊو مٺا خان ۾ بيماري وگهي 3 مينهون مري ويون، احتجاج

چوٽياريون: چوٽياريون ويجهو ٽنڊو مٺا خان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوپايو مال بيماري ۾ وڪوڙجي ويو، جنهن سبب چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، پر وٽرنري ڊاڪٽر ۽ عملو بيمار مال جو علاج ڪرڻ لا تيار ناهن. ڳوٺ ميھر ڀٽ جي ڳوٺ عبدالحڪيم ڪيريو ۾ الھورايو ڪيريو جون 3 مينھون مري ويون. ان سلسلي ۾ ڀاڳئي موجب ٽنڊو مٺا خان ۾ ڊاڪٽر لا وياسين، پر ڊاڪٽر نه هئڻ سبب علاج نه ٿي سگهيو ۽ اسان جون مينھون مري ويون. ڳوٺاڻن غلام رسول ڪيريو، گل محمد ڪيريو، چنيسر ڪيريو، ھاشم ڪيريو ۽ ٻين ڊي سي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته ٽنڊي مٺا خان ۾ چوپائي مال جو ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪري چوپايو مال بچايو وڃي. هوڏانهن ٻئي پاسي ڀاڳين وٽرنڙي ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته بيمار مال جو علاج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button